آءِ جي سنڌ پاران ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمنٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ پاران ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمنٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي، آءِ جي سنڌ ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمنٽ کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته سنڌ پوليس جي 3 آفيسرن کي اينٽي انڪروچمنٽ فورس مان ريليو ڪيو وڃي، آفيسرن ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر انسپيڪٽر سهيل اختر، علي حسن ۽ فياض شامل آهن، ٽنهي آفيسرن کي ريليو ڪندي حڪم ڏنو وڃي ته سي پي او وٽ رپورٽ ڪن، سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب ڊيپوٽيشن تي مقرري جو عرصو 3 سال آهي، جن پنهنجو مدو پورو ڪيو آهي ۽ ٽئين آفيسر اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۾ 2011 کان ڊيپوٽيشن تي آهن، واضح رهي ته طارق ڌاريجو گذريل مهيني ٽنهي آفيسرن جو مدو وڌائڻ جي لاءِ آءِ جي سنڌ کي خط لکيو هو، ٽنهي آفيسرن جي واپسي جي لاءِ 5 مارچ تي به طارق ڌاريجو کي آءِ جي سنڌ آفيس مان ليٽر جاري ڪيو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو