آءِ جي خيبرپختونخوا معظم جاه انصاري بدلي

آءِ جي خيبرپختونخوا معظم جاه انصاري بدلي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) خيبرپختونخواهه پوليس معظم جهان انصاري کي بدلي ڪيو ويو آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور پوليس لائنز جي مسجد ۾ آپگهاتي حملي کانپوءِ وفاقي حڪومت آءِ جي سنڌ معظم جهان انصاري کي بدلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي نئين آءِ جي جي لاءِ ٽن نالن جي سمري موڪلي وئي هئي، جن ۾ محمد سعيد خان، اختر حيات گنڊاپور ۽ سهيل تاجڪ شامل آهن.هاڻي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اختر حيات گنڊاپور کي نئون آءِ جي خيبرپختونخواه مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.اختر حيات گنڊاپور ان کان اڳ ايڊيشنل ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي مقرر هو.معظم جهان انصاري چارج ڇڏڻ کان پوءِ اختر حيات گنڊاپور پنهنجي عهدي جي چارج سنڀاليندو.

پهنجو تبصرو موڪليو