ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته منهنجي نظر ۾ قائم مقام آءِ جي بابت عدالت جو حڪم نامناسب هو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته آءِ جي جي مقرري وفاق جي مشاورت سان ٿيندي آهي، قائم مقام آءِ جي سنڌ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ مان ٻه ڇوڪريون گم ٿي ويون، ننڍي عمر ۾ پنجاب ۾ شاديون ڪيون ويون، سنڌ ۾ ننڍي عمر ۾ شادي جي اجازت ناهي، هڪ ڇوڪري ملي وئي آهي جڏهن ته ٻي خيبرپختونخواهه مان ٻڌائي پئي وڃي.هن اهو به چيو ته ٻئي ٻارڙي جي بازيابي ۾ تعاون لاءِ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ان حوالي سان خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ پوليس جي اعليٰ اختيارين ۾ به رابطا ٿيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته نينگري جي بازيابي تي والدين جي ڏک ۽ درد کان آگاهه آهيون. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جا ٻه ٽي واقعا ٿيا، علاج لاءِ نه پر ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت لاءِ ويس.










