مٺي(ن سنڌيار) تعلقي ڇاڇرو جي يوسي جنجهي جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو مٺي ۾ احتجاج،56 سيٽن جي بدران صرف 19 کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي،اميدوارن پاران ٻيهر ڪاميٽي جوڙڻ جو مطالبو خبر موجب تعلقي ڇاڇرو جي يوسي جنجهي جي آء بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو يوسي ۾ جايون گهٽ ڏيکارڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو يوسي جنجهي جي اميدوارن پوري يوسي ۾ گهٽ اسڪول ڄاڻائي يوسي ۾ سيٽون گهٽ ڪرڻ خلاف مظاهرو ڪندي اميدوارن راجيش کوکر،مختيار جنجهي،سخي،اتمچند،ارشاد جوڻيجو،ليکراج،افضل،شڪيل،جاويد سوڍو ديدار ۽ ٻين چيو ته اسان جي يوسي سڀ کان وڏي يوسي آھي جنهن ۾ صرف 19 ڄڻن کي سليڪٽ ڪيو ويو آھي جڏھن ته بايوميٽرڪ سسٽم مطابق 19 کان علاوه 37سيٽون ٻيون خالي پيل آھن اسان جي يوسي ۾ 56 سيٽون خالي آھن پر تعليم کاتي صرف 19 ڄاڻايون آھن جڏھن ته 37 اسڪول بند ڏيکاريا ويا آھن ڪورٽ حڪم ڪري چڪي آھي ته بند پيل اسڪولون کولي انهن ۾ نئين ڀرتين تحت مقرريون ڪيون وڃن تعليم کاتي 2018 جي انگ اکرن موجب سيٽن جو اعلان ڪيو آھي جيڪا ناانصافي آھي اسان جي يوسي ۾ 63 اميدوارن ٽيسٽ پاس ڪئي آھي اسان اڄ ڪاميٽي آڏو پنهنجو موقف رکيو پر انهن ڪن لاٽار ڪئي ۽ معاملو ٽي او تي ڇڏي ڏنو آھي اسان جي يوسي جي اسڪولن متعلق ڪاميٽي ٺاهي ٻيهر جاچ ڪري اميدوارن سان انصاف ڪيو وڃي.










