آءِ بي اي انتظاميه ۽ چانڊڪا ڊائريڪٽر داخلا جي لاپرواهي؟

ڪرونڊي (علي حبيب رتڙ) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ بي ايس جينرڪ جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ لاءِ ڪيترن ئي شاگردن فارم ڀرايا هئا پر ڪاليج انتظاميه داخلا جي  ٽيسٽ ڏيندڙ شاگردن کي سلپون جاري نه  ڪيون نه ئي انهن جون سلپون ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيون. جنهن سبب ڪرونڊي واسي شاگردن سميت ڪيترائي شاگرد ٽيسٽ ۾ نه ويهي سگهيا. جڏھن ته شاگردن ڪاليج انتظاميه توڙي ٽيسٽ وٺندڙ اداري آءِ بي اي جي نمائندن کي ڪاليج ۾ اصلي چالان اصلي ڪاغذن سميت ٻيا گهربل ڪاغذ ڏيکاريا  پر ان باوجود انهن کي ٽيسٽ سينٽر مان ڌڪي ٻاهر ڪڍيو ويو.

چانڊڪا ميڊيڪل ڪالج جي واسطيدار عملي جي لاپرواهي سبب شاگردن جا خواب چڪنا چور ٿي ويا ۽ انهن جا داخلا توڙي ڀاڙن جي مد ۾ خرچ ڪيل پئسا به اجايا ويا. ڪرونڊي واسي شاگرد فرحان چانگ سندس والد عبدالحميد ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان سان ناانصافي ٿي آهي اسان داخلا جو فارم جمع ڪرايو هو جيڪو ڪاليج انتظاميه وصول ڪيو هو جنهن جي رسيد به اسان وٽ موجود آهي ان باوجود اسان کي سلپون جاري نه ٿي سگهيون آهن. رابطو ڪرڻ تي چانڊڪا ميڊيڪل  ڪاليج جي پرنسپل غلام عباس پنهنور ٻڌايو ته سلپون جاري ڪرڻ آءِ بي اي ۽ ڊائريڪٽر ايڊميشن جو ڪم هو . هن چيو ته مان  آءِ بي اي وارن کي بار بار  چيو ته جن شاگردن جون سلپون جاري نه ٿي سگهيون آهن انهن کي  هن وقت ئي سلپون جاري ڪري انهن کي ٽيسٽ ۾ ويهاريو ان باوجود آءِ بي اي وارن شاگردن کي داخلا واري ٽيسٽ ۾  نه ويهاريو.  سنڌيار  پاران ڊائريڪٽر ايڊميشن سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان سان رابطو نه ٿي سگهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو