آءِ بي اي اسڪالرشپ هڪ اسڪول جا 12 شاگرد ڪامياب

آءِ بي اي اسڪالرشپ هڪ اسڪول جا 12 شاگرد ڪامياب

مانجهند(رپورٽ مهراڻ عمراڻي) آءِ بي اي سکر اسڪالرشپ ٽيسٽ ۾ ضلع ڄامشوري جي 13 سيٽن مان 12 تي پرائمري بوائز اسڪول مانجهند جي شاگردن ڪاميابي ماڻي ورتي جنهن تي شاه لطيف علمي ادبي  فورم طرفان استادن امداد علي عمراڻي ۽ غلام اڪبر ملاح ۽ شاگردن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو تقريب ۾ ڊي ڊي او لٽريسي رسول بخش ميمڻ فورم اڳواڻ شفي ملاح انچارج علي نواز خاصخيلي هاء اسڪول هيڊ ماستر امير بخش ملاح پ ٽ الف اڳواڻ محمد جمن عمراڻي برڪت ملاح ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ت مانجهند جي پرائمري اسڪول ڪورونا وائرس جي مشڪل حالتن عمارت جي تعمير سبب ڪمرا گهٽ ھئڻ سميت مختلف بنيادي سهولتون نه هئڻ باوجود استادن امداد علي عمراڻي ۽ غلام اڪبر ملاح جي سخت محنت سبب ضلع جي 13 اين ٽي ايس اسڪالرشپ جي سيٽن مان 12 سيٽون حاصل ڪري وڏي ڪاميابي ماڻي آھي جنهن سان ٽن سالن ۾ غريب شاگردن جي ڪاميابي ماڻيندڙ اسڪولي شاگردن جو تعداد وڌي 40 ٿي ويو آھي جن کي 12 درجي تائين حيدرآباد جي بهترين اسڪول ۾ مفت تعليم رهائش ۽ کاڌو فراهم ڪيو ويندو ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن کي اجرڪون ۽ هار پارايا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو