آءِ ايم ايف پروگرام بحال ڪرڻ سان ديواليو جو خطرو ختم ٿي ويو: وزيراعظم

آءِ ايم ايف پروگرام بحال ڪرڻ سان ديواليو جو خطرو ختم ٿي ويو: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پروگرام جي بحالي پاڪستان جي معيشت لاءِ مثبت پيش رفت آهي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته پاڪستان مشڪل معاشي امتحان مان نڪري آيو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام هڪ اسٽيج آهي پر پاڪستان جو مقصد معاشي خود انحصاري آهي.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پروگرام جي بحالي تي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، دعا آهي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هجي، مستقبل ۾ پاڪستان کي ان جي ڪڏهن به ضرورت نه پوندي، مان پراميد آهيان، گذريل حڪومتن وانگر هن وقت به پاڪستان جي حڪومت جي خواهش آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چيو ويندو. انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي.پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري لاءِ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو. آءِ ايم ايف بورڊ پاڪستان کي لڳ ڀڳ 1.17 بلين ڊالر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ اها رقم آءِ ايم ايف طرفان هلندڙ هفتي پاڪستان کي منتقل ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو