اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پيٽرول تي تجويز ڪيل سبسڊي جي شروعاتي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف حڪومت کان پيٽرول تي مڪمل سبسڊي پلان طلب ڪري ورتو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب بجلي تي 50 رپيا في ليٽر سبسڊي ڏيڻ جو مڪمل پلان جوڙيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ورچوئل ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ آءِ ايم ايف پاران پيٽرول تي سبسڊي وارو منصوبو تيار ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف غريبن لاءِ وڌيڪ اثرائتي ٽارگيٽڊ سبسڊيز تي زور ڏنو آهي.










