آءِ ايم ايف سان ڳالهيون: ناڻي واري وزير پاران صدر کي بريفنگ

آءِ ايم ايف سان ڳالهيون: ناڻي واري وزير پاران صدر کي بريفنگ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر عارف علوي سان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ملاقات ڪئي ۽ کيس آءِ ايم ايف سان ڳالهين بابت آگاهه ڪيو.ذريعن موجب اسلام آباد ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي ملاقات ۾ مختلف معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ آءِ ايم ايف جي مطالبن تي غور ڪيو ويو.ذريعن موجب ملاقات ۾ حڪومت پاران مني بجيٽ آرڊيننس تي عملدرآمد تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ ٿيندڙ ڪابينا اجلاس ۾ مني بجيٽ تجويزن جي منظوري جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو