آءِ ايم ايف سان ڳالهيون، مني بجيٽ لاءِ آرڊيننس جاري ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض پروگرام جي بحالي لاءِ آن لائن ڳالهيون اڄ شروع ٿينديون. آن لائين ڳالهين لاءِ 170 ارب جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪري 200 ارب کان وڌيڪ جي مني بجيٽ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، مني بجيٽ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ بدران آرڊيننس جي صورت ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. حڪومت بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، فارمر پيڪيج ۽ ايڪسپورٽ سيڪٽر لاءِ سبسڊي جي به منظوري ڏني وئي آهي، ڳالهين ۾ اڳڀرائي بابت آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو