آءَ بي اي پاس اميدوارن پاران  مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

آءَ بي اي پاس اميدوارن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

دادو (ن سنڌيار) ۾ آءَ بي اي پاس اميدوارن پاران مطالبن جي مڃتا لاء سڪندر عباسي ، عبدالغفار پنهور ، راشده وگهيو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعره بازي ڪئي وئي ان موقعي تي اميدوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سال2021 ۾ اسان ٽيسٽ پاس ڪئي جنهن بعد تعليم کاتي طرفان من پسند علائقن کي هارڊ ايريا ۾ شامل ڪري 33 مارڪن تي پنهنجا نواز ڪئي پئي وڃي جيڪو ٻٽو معيار ۽ ٻٽي پاليسي آھي ، سموري سنڌ اندر هڪ تعليمي نظام آھي ته پاليسي به هڪ هجڻ گهرجي هنن وزيراعليٰ سنڌ ، صوبائي وزير تعليم ، سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته هڪ ئي پاليسي جوڙي نوجوان استادن جو مستقبل برباد ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻي صورت احتجاجي دائرو وسيع ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو