گڏيل قومن پاران پاڪستان ۾ جبري مذهب تبديل ڪرڻ تي ڳڻتي

جنيوا(ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي انساني حقن جي ماهرن پاڪستان ۾ اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ عورتن کي تحفظ نه ملڻ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اقليتي برادريون جبري شادين ۽ مذهب مٽائڻ جو شڪار آهن. جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪائونسل جي ماهرن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هندو ۽ عيسائي برادرين سان تعلق رکندڙ ڇوڪريون خاص طور تي جبري مذهب مٽائڻ، اغوا، اسمگلنگ، ننڍي عمر ۾ شادي ۽ جبري شادي ۽ جنسي تشدد جو شڪار آهن. جن ماهرن بيان جاري ڪيو انهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي اسمگلنگ بابت خاص نمائندي سيوبهان مولي، اقليتي معاملن تي خاص نمائندو نڪولس ليورٽ، ڊوروٿي ايسٽراڊا ٽانڪ، عورتن ۽ ڇوڪرين جي خلاف تبعيض بابت ورڪنگ گروپ جو سربراهه ۽ ٻيا شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو