انشورنس اسڪيم، گهرو سربراهه جي وفات تي مالي مدد ملندي

انشورنس اسڪيم، گهرو سربراهه جي وفات تي مالي مدد ملندي

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت پنهنجي شهرين لاءِ لائف انشورنس اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.خيبر پختونخواهه جي اطلاعات صلاحڪار بئريسٽر سيف جي مطابق، صوبائي حڪومت لائف انشورنس اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن تي ساليانو 4.5 ارب رپيا خرچ ٿيندا.اطلاعات صلاحڪار چيو ته گهر جي سربراهه جي وفات تي گهر جي ميمبرن کي فوري مالي مدد فراهم ڪئي ويندي.بئريسٽر سيف چيو ته 60 سالن کان گهٽ عمر وارن گهر جي سربراهه جي ڪٽنب جي ميمبرن کي 10 لک رپيا ۽ 60 سالن ۽ ان کان وڌيڪ عمر وارن جي ڪٽنب جي ميمبرن کي 5 لک رپيا ڏنا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو