گهاري واسي نوجوان چين جي يونيورسٽي جو صدر چونڊجي ويو

گھارو (رپورٽ بشام جوکيو) ساحر عيسيٰ جوکيو ننيانگ نارمل يونيورسٽي چائنا ۾ انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ يونين جو صدر چونڊيو ويو آهي. گهاري شهر ۾ رهندڙ اصل ڳوٺ درس غلام علي سان تعلق هجڻ وارو نوجوان ساحر جوکيو. ننڍڙي ڳوٺ ۾ بنيادي تعليم حاصل ڪئي ۽ سندس والد هڪ استاد آهي. هن وڏي محنت سان ڪراچي جي ڪاليجن ۾ پڙهي لکي چائنا جي يونيورسٽي ۾ آن لائن داخلا ورتائين جتي کيس ڍائنا جي حڪومت اسڪالرشپ ڏني.

Photo Sindhyar

سندس والد محمد عيسا جوکيو آريپوٽو جو چوڻ آهي ته آئون هڪ استاد آهيان ۽ پنهنجي ٻچن کي سٺي تعليم ڏني اٿم اڄ جڏهن اهي محنت ڪري سنڌ ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪن پيا ته وڏي خوشي ٿي رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو