راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 5 خارجي مارجي ويا.پاڪستان آرمي جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، 30 اپريل ۽ 1 مئي تي خيبر پختونخوا ۾ ٽي آپريشن ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 5 خارجي مارجي ويا ۽ 2 کي گرفتار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر چيو ته سيڪيورٽي فورسز خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي باجوڙ ضلعي ۾ هڪ انٽيليجنس آپريشن ڪيو جنهن ۾ ٽي خوارج مارجي ويا، جن ۾ هاءِ ويليو ٽارگيٽ خارجي فريد الله به شامل آهي.آءِ ايس پي آر موجب، ڪارروائين دوران خارجين کان هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو.










