پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه حڪومت سرڪاري اسڪولن جي شاگردن کي مفت ٿيلها فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان خيبرپختونخواه جي اطلاعات صلاحڪار بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪتابن جي مفت فراهمي لاءِ فنڊ پڻ منظور ڪيا آهن.هن چيو ته پيرينٽس ٽيچر ڪائونسل جي سالياني فنڊ کي 5 ارب رپين کان وڌائي 7 ارب رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.بئريسٽر سيف جو اهو به چوڻ آهي ته وڏو وزير علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ويزن جي مطابق تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.










