ڪوچ ڪلٽي نينگر فوت 30 کان مٿي مسافر زخمي

ڪوچ ڪلٽي نينگر فوت 30 کان مٿي مسافر زخمي

قاضي احمد (ن سنڌيار)مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب نينگر فوت ٿي ويو، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، باءِ پاس روڊ تي علمدار چوڪ وٽ سکر کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجڻ بعد ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي نتيجي ۾نوشهري واسي نينگر حميد خانزادو فوت ٿي ويو، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا. حادثي جي نتيجي ۾عورتن ۽ ٻارڙن سميت حميد سومرو، رياض راڄپر ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جن کي نوابشاهه منتقل ڪيو ويو. حادثي جي نتيجي ۾زخمي ٿيل ٽن ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو