ڪوچ جو رڪشه کي ٽڪر پنجاب واسين سميت 4 فوت 20 زخمي

ڪشمور(رپورٽر)ڪشمور ويجهو عظیم ڦاٽڪ وٽ افسوس ناڪ روڊ حادثو ڪراچي کان ڪوٽ ادو طرف ويندڙ مسافر ڪوچ جي رڪشا سان ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا ٿڏي تي فوت ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي ڪشمور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمين ۾ 6 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي. فوتين مان 2 ڄڻا رڪشا سوار ڪشمور نائچ ڳوٺ جا رھواسي ھئا جڏهن ته 2 فوتي پنجاب جي شهر ڪوٽ ادو واسي آهن. فوتين ۾ اختر علي نائچ، حاڪم علي نائچ، احرم خان ۽ صابرعلي شامل آهن. حادثي جي زخمين ۾ پنجاب جي شهر ڪوٽ ادو واسي غضنفر علي منير احمد محمد اسلم اسماعيل خان مظھر خان رياض حسين عبيد الله عرفان علي جڏهن ته 6 ڄڻا ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان موڪليا ويا جن ۾ عتيق احمد عمران علي اشرف خان غلام مرتضي محمد علي نياز محمد شامل آهن حادثي جي فوتين ۽ زخمين کي ڪشمور پوليس ۽ سول اسپتال ڪشمور انتظاميا ايمبولينس ذريعي طبي امداد پهچائي وئي. حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو مسافر ڪوچ ۾ سوار ڪراچي جي نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ھئا جيڪي پنهنجي اباڻي شهر ڪوٽ ادو طرف عيد ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته ڪشمور عظيم ڦاٽڪ وٽ رڪشا سان ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ مسافر ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڃي کاھي ۾ ڪري رڪشا مڪمل طور تباهه ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو