اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 61مريض فوت ٿي ويا آهن . جڏهن ته 3 هزار کانوڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 44 هزار 377 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ ڪورونا ٽيسٽن جو ٽوٽل انگ 86 لک 48 هزار 242 ٿي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 3 هزار 495 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 6 لک 15 هزار 810 ٿي ويو آهي. سرڪاري رپورٽ مطابق هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 62 هزار 287، پنجاب ۾ هڪ لک 91 هزار 186، خيبرپختونخواهه ۾ 77 هزار 443، بلوچستان ۾ 19 هزار 259، ازاد ڪشمير ۾ 11 هزار 264 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 965 ، اسلام اباد ۾ 39 هزار 476، ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي










