اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن ۾105 ماڻهو فوت ٿي ويا، انگ 9 هزار 10 ٿي ويو آهي، سنڌ ۾سڀ کان وڌيڪ 55 فوتگيون ٿيون آهن، ملڪ ۾وائرس جا وڌيڪ 2 هزار 731 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ملڪ ۾ڪورونا متاثرن جو انگ44 لک 48 هزار 369 ٿي ويو آهي، پاڪستان ۾ڪورونا جا 3 لک 88 هزار 598 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته حيدرآباد ۾ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي تجويز، ڊي ايڇ او ڊي سي کي خط لکي ڇڏيو، لطيف آباد قاسم آباد، سٽي ۽ ٻهراڙي تعلقي جي ٻن علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي تجويز ڏني وئي آهي. ياد رهي ته آمريڪا ۾ گزريل 24 ڪلاڪن ۾ 3000 هزار کان مٿي ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جنهن بعد پابنديون سخت ڪيون ويون آهن.










