ڪنڌ ڪوٽ ۾ 80 روپوشن پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ڪنڌ ڪوٽ ۾ 80 روپوشن پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) جسٽس فار سرينڊر پاليسي ھٺ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقن ۾ رھندڙ جاگيراڻي، ڀيا، نندواڻي، بهلڪاڻي ۽ بگٽي قبيلي جي 80 ماڻهن پاران روپوشي ۽ ڏوھن واري زندگي کان تنگ ٿي پاڻ کي پوليس حوالي ڪندي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا. ايس.ايس.پي آفيس ۾  ٿيل تقريب ۾ ايس ايس پي ڪشمور سيد اسد رضا شاه پاران ھٿيار ڦٽا ڪندڙن کي اجرڪ جا تحفا ۽ پاڪستاني جهنڊو پڻ پيش ڪيو ويو.

تقريب کي خطاب ڪندي ايس ايس پي چيو ته  جسٽس آف سرينڊر پاليس تحت ھن وقت تائين ست سو ماڻھو قومي ڌارا ۾ شامل ٿي  بهتر زندگي گذاري رھيا آھن ۽ آئي.جي سنڌ پاران ڀي اھڙيون ھدايتون آھن ته عوام کي سستو انصاف ڏيڻ لا۽ اپاءَ ورتا وڃن. ھن وڌيڪ چيو ته اڄ جيڪي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيا آھن انھن مان اڪثريت اشتهاري ڏوھارين جي آهي. جيڪي قتل.اغوا.ڌاڙن سميت ڪيترن ئي ڏوھن ۾ پوليس کي گهربل ھئا. ان موقعي تي سي.آئي.اي انچارج گل محمد مهر رحمت الله گولو ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو