ڪنهن کي يقين نه هو ته معيشت سنڀالڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر ۽ اڳوڻي نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر چيو آهي ته منهنجي دور ۾ ڪنهن کي يقين نه هو ته ايڏي سٺي طريقي سان معيشت سنڀالينديس.ڪراچي ۾ اوورسيز چيمبر ۾ وومين امپاورمينٽ ايوارڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي شمشاد اختر چيو ائين ناهي ته عالمي سطح جي ادارن ۾ عورتن خلاف تعصب ناهي، بئنڪنگ سيڪٽر جا ماڻهو طاقتور ۽ پئسي وارا آهن، مان پنهنجي دور ۾ تمام سخت فيصلا ڪيا. هن چيو ناڻي واري وزارت وارا سمجهندا هئا ته مون کي ڪا خبر ناهي، ڪنهن کي يقين نه هو ته مان معيشت سنڀالڻ ۾ ڪامياب ٿينديس، مون کي پريزنٽيشنز ڏنيون ويون، مان چيو معيشت دان آهيان رهڻ ڏيو، سول سرونٽس جذبو ناهن وڌائيندا توهان کي پاڻ ئي ڪم ڪرڻو پوندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو