ڪميشن جا ڇاپا، عطائي ڊاڪٽر فرار، 8 ڪلنڪ سيل

ٺڪراٺو (حضرت گل پٺاڻ) هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم جو عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون ٽيم جي ڇاپن جو ٻڌي عطائي ڊاڪٽر کليل ڪلينڪ ڇڏي فرار ٿي ويا. هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڊاڪٽر شيراز ۽ تعلقه پنوعاقل جي ڊاڪٽر واجد بلو جي اڳواڻي ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن تي ڇاپا هنيا ويا. ٽيم جو ٻڌي عطائي ڊاڪٽر اسپتالون کليل ڇڏي  ڀڄي ويا. ٽيم پاران 8 ڊاڪٽرن جنهن ۾ انيل ڪمار ، ڀاڳچند ، طالب حسين، ملتان مينگهواڙ ، ضمير ملڪ  ۽ حاڪم مهر  جن جون اسپتالون سيل ڪري ڇڏيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو