ڪمشنر ڪراچي اڄ اسڪولن ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪمشنر ڪراچي اڄ اسڪولن ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪمشنر ڪراچي اڄ اسڪولن ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.ڪمشنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته شهر جا سڀئي تعليمي ادارا اڄ بند رهندا.ٻئي طرف، موسميات کاتي اڄ به شهر ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب، مينهن وسائيندڙ سسٽم اڃا تائين سنڌ تي دٻاءُ جي شدت سان اثر انداز ٿي رهيو آهي.موسميات کاتي جو اهو به چوڻ آهي ته اهو سسٽم 11 سيپٽمبر تي بلوچستان جي ساحل تائين پهچڻ کان پوءِ ختم ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو