ڪشميربابت عمران جي سعودي ولي عهد سان فون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان کي فون ڪري والاريل ڪشمير بابت پيدا ٿيل صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ٿيل ڳالهه بولهه جو ٻنهي ملڪن پاران ڪو به تفصيل جاري ناهي ڪيو ويو. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان او آءِ سي جي پليٽ فارم تان ڪشمير مسئلي کي دنيا آڏو اٿارڻ جي تجويز پيش ڪئي. واضح رهي ته ڀارت پاران ڪشمير جي حيٿيت تديل ڪرڻ ۽ خطي کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ بابت سعودي عرب اڇا تائين سرڪاري طور تي ڪو رد عمل ظاهر ناهي ڪيو. ياد رهي ته ڪالهه وزيراعظم عمران خان والاريل ڪشمير جي تازي صورتحال تي ردعمل ترتيب ڏيڻ لاءِ 7 رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن ۾ پرڏيهي وزير، اٽارني جنرل، پرڏيهي سيڪريٽري، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ملٽري آپريشنز، ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ وزيراعظم جي خصوصي نمائندي احمر بلال صوفي کي ان ۾ سامل ڪيو ويو هو. اها  ڪميٽي والاريل ڪشمير جي ڳڻتي واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ردعمل ترتيب ڏيندي، سياسي، سفارتي ۽ قانوني رخن جو جائزو وٺڻ سان گڏ تجويزون جوڙيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو