اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان کي فون ڪري والاريل ڪشمير بابت پيدا ٿيل صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ٿيل ڳالهه بولهه جو ٻنهي ملڪن پاران ڪو به تفصيل جاري ناهي ڪيو ويو. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان او آءِ سي جي پليٽ فارم تان ڪشمير مسئلي کي دنيا آڏو اٿارڻ جي تجويز پيش ڪئي. واضح رهي ته ڀارت پاران ڪشمير جي حيٿيت تديل ڪرڻ ۽ خطي کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ بابت سعودي عرب اڇا تائين سرڪاري طور تي ڪو رد عمل ظاهر ناهي ڪيو. ياد رهي ته ڪالهه وزيراعظم عمران خان والاريل ڪشمير جي تازي صورتحال تي ردعمل ترتيب ڏيڻ لاءِ 7 رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن ۾ پرڏيهي وزير، اٽارني جنرل، پرڏيهي سيڪريٽري، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ملٽري آپريشنز، ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ وزيراعظم جي خصوصي نمائندي احمر بلال صوفي کي ان ۾ سامل ڪيو ويو هو. اها ڪميٽي والاريل ڪشمير جي ڳڻتي واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ردعمل ترتيب ڏيندي، سياسي، سفارتي ۽ قانوني رخن جو جائزو وٺڻ سان گڏ تجويزون جوڙيندي.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو