ڪشمور(رپورٽ علي حسن سومرو) ڪشمور لڳ ڊومڪي ڪوٽ جي زمينن مان نامعلوم شخص جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته 30/35 سالن جي نوجوان جو لاش فصلن جي وچ واري روڊ تي پيو هو، جڏهن ته لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ چيو ته لاش تي تشدد جا نشان پڻ موجود هئا ، ڪشمور پوليس لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو پوليس جو چوڻ آهي ته اڃا تائين لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، نادرا تصديق ذريعي وڌيڪ معلوم ٿيندي










