ڪراچي ۾ گهر گهر ويڪسين لاءِ موبائل سروس جو افتتاح

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ گھر گھر وڃي شھرين کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو اعلان ڪيو آھي، موبائيل ويڪسينيشن وين جو افتتاح ڪندي ترجمان سنڌ سرڪار مرتضيٰ وھاب جو چوڻ آھي تھ سڀاڻي کان ڪراچي جي ھڪ ضلعي ۾ موبائيل ويڪسينيشن شروع ڪنداسين، ڪوشش آھي تھ سمورن ضلعن ۾ موبائيل ويڪسينين شروع ڪيون، مرتضيٰ وھاب اھو بھ چيو تھ موبائيل ويڪسينيشن سبب شھرين کي وڌيڪ آساني ٿيندي، ھن چيو تھ ڪراچي جي شھرين جو شڪريو ادا ڪريون ٿا، ڪيترن ئي ڏينھن کان ڪورونا ويڪسين لڳائيندڙ ماڻھن جي انگ ۾ واڌ ٿي آھي، پھرين آگسٽ تي سنڌ ۾ 2 لک 11 ھزار ماڻھن ويڪسينيشن ڪرائي. وين ذريعي 1500 ماڻهن کي روزانو ويڪسين لڳندي.

پهنجو تبصرو موڪليو