ڪراچي ڊوميسائيل ڪيس ۾ نادرا کان جواب طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف علائقن جي  رهواسين کي ڪراچي سميت سنڌ جي شهري علائقن جا  ڊوميسائيل جاري ڪرڻ کان روڪڻ بابت ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن پاران داخل ڪيل درخواست تي نادرا کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ عدالت اهڙو حڪم اڱاري تي ٻڌڻي دوران ڏنو. عدالت ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي  شروع ڪئي ته ڪچي آبادي واري ڊائريڪٽر عدالت کي گذارش ڪئي ته ان درخواست ۾ وفاق کي به ڌر بڻايو وڃي جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته درخواستگذار  وفاق کي  ڌر ئي ناهي ٺاهيو. جنهن تي خواجه اظهار الحسن چيو ته منهنجي درخواست جو وفاق سان ڪو تعلق ناهي ڇاڪاڻ ته ڊوميسائيل صوبائي حڪومت جاري ڪندي آهي  جنهن تي عدالت چيو ته  اهڙي صورتحال ۾ وفاق جو ڇا وڃي؟ هي ته صوبائي معاملو آهي.  هن جعلي ڊوميسائيلن خلاف درخواست جو  ڪو به مخالف ناهي. سڀئي چاهن ٿا ته جعلي ڊوميسائل نه ٺهڻ گهرجن. خواجه اظهار چيو ته رولز کي نوٽيفاءِ ڪرڻ سان به مسئلو ٿي سگهي ٿو جنهن بعد عدالت نادرا کي 17 جنوري لاءِ  نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو