ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت ڪراچي جي روڊن تي پارڪنگ فيس مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏي آهي.سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، شهر جي سڀني روڊن تي پارڪنگ فيس وصول ڪرڻ تي مڪمل پابندي هوندي. پارڪنگ فيس هاڻي صرف پلازن، پلاٽن يا مخصوص ڪائونسلن جي مخصوص علائقن ۾ وصول ڪئي ويندي.نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪو به سنڌ حڪومت جو ادارو شهر ۾ پارڪنگ فيس وصول نه ڪري سگهندو ۽ جيڪي ماڻهو غير قانوني طور تي شهرين کان پارڪنگ فيس وصول ڪندا آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.










