ريل حادثي جي متاثرن لاءِ امداد جو اعلان، ٽريڪ بحال

ريل حادثي جي متاثرن لاءِ امداد جو اعلان، ٽريڪ بحال

سکر/ روهڙي/ پنوعاقل(نمائندن وٽان)ڪراچي کان لاهور ويندڙ ريل گاڏي سان حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ 30 مسافر زخمي ٿي پيا. روهڙي ۽ پنوعاقل جي وچ تي ڪراچي ايڪسپريس جون 9 بوگيون پٽڙي تان لهي هيٺ کاهي ۾ ڪري پيون. حادثي ۾هڪ عورت فوت ٿي وئي، زخمين کي فوري سول اسپتال سکر ۽ سي ايم ايڇ پنو عاقل منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جو علاج ڪيو ويو. حادثي جي نتيجي ۾ ھڪ عورت فوت ٿي جنھن جي  سڃاڻپ ڪراچي جي علائقي لانڍي واسڻ عظميٰ زال محمد صابر  طور ٿي آهي. حادثي سبب معطل ٿي ويل ريلوي ٽريڪ جي بحالي وارو ڪم جاري آھي . ريل گاڏين کي مختلف اسٽيشنز تي بيهاريو ويو. ڪمشنر سکر جو چوڻ آهي ته ريسڪيو آپريشن تقريبن مڪمل ٿي چڪو آهي، شروعاتي معلومات موجب ٽرين ڊرائيور اوور اسپيڊنگ ڪئي. ريلوي ذريعن جو چوڻ آهي ته پٽڙي ٽٽل هجڻ سبب حادثو پيش آيو، ريل ۾18 بوگيون هيون جن مان 9 پٽڙي تان لهي ويون. ريلوي ترجمان موجب  واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو ويو آهي، 7 ڪلاڪن کانپوءِ  ريلوي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي.ريلوي انتطاميه فوتي عورت جي وارثن کي 10 لک ۽ زخمين کي هڪ کان پنج لک امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو