ڪانٽريڪٽي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

چوھڙ جمالي (ن س) ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل پبلڪ هيلٿ جي ملازمن پاران ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف صديق ميمڻ، گلزار ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري سب انجنيئر عمران ميمڻ خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته اسان کي ٽن مهينن جي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو ويو پر ڇھ مهينا گذرڻ باوجود اڃان تائين پگهارون نه ڏنيون ويون آهن جنهن جي ڪري اسين فاقه ڪشي تي مجبور آھيون. هنن وڌيڪ چيو ته هيلوڪي برساتن ۾ اسان کي پگهارن جا ڏٽا ڏئي ڏينهن رات ڪم ورتو ويو پر پگهارون نه ڏنيو. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته پبلڪ هيلٿ جو ڪوبه ملازم ايستائين ڪم نه ڪندو جيستائين رهيل پگهارون نٿيون ڏنيون وڃن.   ملازمن پبلڪ هيلٿ جي چيف انجنيئر ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته عمران ميمڻ کي هٽائي رهيل پگهارون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو