پاڻي جو مشهور ماهر اي اين جي عباسي لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سنڌ جو سپوت مسٽر اي اين جي عباسي اڄ اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. صوڀي ديري ڄائو. مرحوم گل حسن عباسي جو وڏو فرزند مرحوم ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ۽ مرحوم ارشاد عباسي جو وڏو ٻاء. ھو.مرحوم عباسي صاحب به بنيادي طور انجنيئر ھو، سيڪريٽري اريگيشن به رهيو . ڪيئرٽيڪر زماني ۾ اريگيشن جو وزير به رهيو . جنرل پرويز مشرف ڪالاباغ ڊيم جي ٺهڻ يا نه ٺهڻ جي لاءِ هڪ ڪميشن جوڙي هئي جنهن ۾ ٻين صوبن جا نمائندا به هيا.پنجاب جي نمائندن ڪابالاغ ڊيم جي حق ۾ لکيو، پر عباسي صاحب سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي آباديءَ جا انگ اکر ٻڌائيندي ۽ پاڻيءَ جي موجود هجڻ جا ذريعا ٻڌائيندي مفصل رپورٽ لکي جنهن ۾ هن ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ جي سخت مخالفت ڪئي، جيڪا ڳالهه جنرل پرويز مشرف کي ڪونه وڻي ۽ ان بعد عباسي صاحب جي رپورٽ به منظور ڪونه ڪيائين ۽ عباسي صاحب کان به پاسيرو ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو