ڪار جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت، ساٿي زخمي

اوٻاوڙو/ مريدشاخ (نمائندن وٽان) ريتي آوٻاوڙو روڊ تي ڳوٺ جهنگل ملڪ ۾ تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو حافظ نصير احمد ڀٽو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. جڏهن ته سندس ساٿي رضوان احمد ڀٽو زخمي ٿي پيو. ٽڪر هڻندڙ ڪار ڊرائيور جميل شيخ کي سندس ساٿين سيد رضا محمد شاھ ۽ محمد يونس ملڪ سميت  گرفتار ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو