ڪشمور (جي ايم کوسو)بلوچستان جي علائقي اوسته محمد جي ويجھو ھيڊ باغ جي ٿاڻي جي حد ۾ مينگل ۽ مگسي برادري ۾ ڪارو ڪاري تي ڳوٺ عبدالطيف مينگل ۾ رات جي اونداھي ۾ جوابدارن جديد ھٿيارن ۽ راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪيو جنهن سبب گھر ۾ ستل 4ڄڻن ظفرالله مينگل.منظوراحمد مينگل.ناصرعلي پندراڻي ۽بخش علي پندراڻي موقعي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته الطاف حسين مينگل ۽ نورخان مينگل سخت زخمي ٿي پيا ڳوٺ ۾ حملي وقت قيامت صغرا جو منظر ھو ھر طرف روڄ راڙو عورتن ۽ ٻارن جون اڀ ڏاريندڙ آھون سسڪيون ۽ ماتم جو منظر ھو ھيڊ باغ پوليس ٿاڻي جو عملو 3 ڪلاڪن کان پوء واقعي تي پھچي لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال اوسته محمد منتقل ڪياويا. پوليس واقعي واري جڳھ کي ڪڙو چاڙھي جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا ھڻي رھي آھي پر پوليس واقعي جو ڪيس اڃا داخل نه ڪيو آھي.










