ممبئي (شوبزنيوز) بالي ووڊ جي اسٽار اداڪارا ڪاجول مشهور ڊائريڪتر سوپرن ورما جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ ويب سيريز ۾ پهريون ڀيرو جوهر ڏيکاريندي. ميڊيا رپورٽ موجب ڪاجول ڀارتي فلم انڊسٽري تي راڄ ڪرڻ کانپوءِ هاڻي ويب سيريز جي دنيا ۾ به پير رکڻ واري آهي ۽ سوپرن ورما جي ويب سيريز ۾ اداڪارا طور ڊيبيو ڪندي.رپورٽ موجب هن پراجيڪٽ ۾ ڪاجول جو مڙس اجي ديوگن به اداڪاري ڪندو ۽ هي سيريز اسٽريمنگ پليٽ فارم ڊزني پلس هاٽ اسٽار تي رليز ٿيندي.










