ڌيءَ سان زيادتي جي الزام والد گرفتار، ڪيس داخل

ٽنڊو غلام علي(ن سنڌيار)پوليس عبدالرحيم کوسو ڪالوني ۾ پيءُ پاران ڌيءَ سان مبينا طور جنسي زيادتي ڪرڻ واري ملزم کي گرفتار ڪري ورتو. واقعي بابت سوشل ميڊيا تي بحث ٿيڻ جو ايس ايس پي بدين نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ٽنڊو غلام علي کي جوابدار کي فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد ٽنڊو غلام علي پوليس ڪاروائي ڪندي جوابدار جلال واگهڙي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ورتو، متاثر ٿيل 16 ورهين جي نينگري ممتا واگهڙي جي پاڙيسري پيرل شاهه جي فرياد تي نينگري جي والد جلال واگهڙي خلاف ٽنڊو غلام علي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جاچ ڪن پيا. متاثره نينگري کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪري سندس بيان قلمبند ڪرائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو