ڌاڙيلن جا نوان گر،جادو ٽوڻا،تعويذ ڦيڻا ۽ قوت باهه جا نسخا به ناڪام

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) ايس ايس پي آفيس ۾قائم آئي ٽي سينٽرجي  اسٽاف ڏوھارين جي اغوا جو منصوبو ناڪام بڻائيندي پوسٽ مين کي اغواٿيڻ کان بچائي ورتو. ان  ڏس ۾ ٻڌايو ويو ته لاھور جي ھڪ ڪتاب گهرمان ڪچي جي بدنام ڌاڙيل خادم ڀيو پاران انڊيا مان شايع ٿيندڙ جادو ٽوڻن، تعويذ ڦيڻن ۽ جنسي طاقت وڌائڻ ۽ سيڪس جي معلومات تي مشتمل ڪتاب ڪوڪ شاستر وي پي طور گهرايو ويو. ياد رهي ته وي پي سهولت هيٺ ٽپال ۾ ڪا به شئي گهرائڻ تي رقم ان شئي جي ڊليوري تي پوسٽ مين کي ادا ڪئي ويندي آهي.

ڪتاب جو پارسل غوثپور جي ايڊريس ۽ موبائل نمبرذريعي موڪلي ڏيڻ جو چيو ويو. جڏھن ته ايس.ايس.پي ڪشمور جي  آئي.ٽي شعبي کي 24 ڪلاڪ الرٽ رھڻ وارن احڪاماتن جي نتيجي ۾ جڏھن غوثپور جو پوسٽ مين يعني ٽپالي پاران ڄاڻايل ڌاڙيل جي موبائل تي رابطي جي ڪوشش ڪئي ته کين آئي.ٽي شعبي انتظامياپاران فوري پوليس پارٽي غوثپور پوسٽ آفيس اماڻي کين ڄاڻايل ڌاڙيل وارو پارسل پنھنجي قبضي ۾وٺي پوسٽ مين کي ڌاڙيل تائين پھچائڻ کان بچائي ورتو. ايس.ايس.پي ڪشمور اسد رضا شاهه پاران اھڙي واقعي جي تصديق ڪندي چيوته ڏوھارين پاران وارداتن جاطريقا مٽائيندي کين اغوا جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جنھن لا۽ عوام کي ھرطرح سان شعور جومظاھرو ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو