ڊالر جا خريدار غائب، روپئي جو ملهه مهانگو، چند ڏينهن ۾ ڊالر4 روپيا ڪري پيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سومر تي اوپن مارڪيٽ ۾ روپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو ملهه 50 پيسا وڌيڪ ڪري پيو ۽ گذريل چند ڏينهن ۾ ڊالر جو ملهه چار روپيا ڪريو آهي. ڪرنسي ڊيلرز جو چوڻ آهي ته عيد سبب پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻاهران ڊالر موڪلين پيا ۽ ٻيو ته ايل سي کولڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ پاران سختي بعد ڊالر جو ملهه گهٽ ٿيو آهي. جن ماڻهن ڊالر خريد ڪيا انهن کي چار روپيا في ڊالر نقصان ٿيو آحي ان ڪري ڊالر جي خريداري نه هجڻ برابر آهي. ڊيلرن جو چوڻ آهي ته عيد کان اڳ ڊيلر ئي 50 لک ڊالر جي لڳ ڀڳ بئنڪن ۾ جمع ڪرائيندا ۽ ڊالر جي قيمت اڃا گهٽجڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو