بيجنگ (م ڊ) چين جي اسڪولن ۾ هاڻي استادن جي جاءِ روبوٽس وٺي چڪو آهي. جيڪو ٻارڙن کي سبق پڙهائيندو ۽ سکيا ڏيندو. ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ روبوٽس ڪيترن ئي شعبن ۾ عام ٿي رهيا آهن ۽ گهريلو ڪم ڪار کان وٺي مسينون هلائڻ جو ڪم روبوٽ ڪري رهيا آهن. روبوٽس جنگي ميدان کان وٺي هوٽل انڊسٽري سميت مختلف ڪم ڪار لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن، اهو پهريون موقعو آهي ته روبوٽ کان درس تدريس جو ڪم به ورتو پيو وڃي. چين ۾ ڪنڊر گارٽن يعني شروعاتي ڪلاسن لاءِ تربيت يافته انساني استادن جي کوٽ سبب روبوٽ ايجاد ڪيو ويو آهي.
بنگو ناليهي استاد روبورٽ مختلف اسڪولن ۾ مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي ٻارن کي انگريزي ، سائنس ۽ رياضي جي مضمون جي تعليم ڪاميابي سان ڏئي رهيا آهن. ٻارڙا پڻ روبوٽ استادن مان خوش آهن ۽ تعليم ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن. واضح رهي ته چين دنيا ۾ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ ٽن سالن کان لڳاتار دنيا ۾ سڀني کان اڳتي آهي.
حڪومت 2 کرب 35 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ تي نظر ثاني ڪري، فاروقي
ايران جي صدر جو علائقائي اتحاد ۽ گڏيل حڪمت عملي تي زور
چين جو سامونڊي تحقيق لاءِ ترندڙ پليٽ فارم ٺاهڻ جو اعلان
لياري جي مرزا آدم خان روڊ جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ واڌ، نئين شرح 12 سيڪڙو مقرر
قبو سعيد خان،عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ
ليوي ختم نه ٿي ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ ٿيندو: حافظ
سنڌ ۾ سرنهن، تر ۽ ڪينولا جي پوک ۾ واڌ خوش آئند آهي
غير سياسي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ لاڏاڻو ڪري ويو
ڀارتي سيڪيورٽي فورسز هٿان سجاول واسي 4 مهاڻا گرفتار
سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو
ٽرمپ کي ڌچڪو، برازيل ۾ لولا چوٿون ڀيرو صدر چونڊجي ويو
گمبٽ: شادي جي تقريب ۾ فائرنگ، نينگر فوت
نارين جا موبائل فون کڻي فرار ٿيندڙ مک جوابدار گرفتار
ڪراچي: شاهراهه ڀٽو تي ٽن ڪارن ۾ ٽڪر، 1 ڄڻو فوت
ايل پي جي مهانگي، في ڪلو 650 رپيا برقرار
خان جي ڀينرن جي نظربنديءَ ۾ وڌيڪ 30 ڏينهن جي واڌ
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي
پهلوان ڳوٺ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم تي حملو
راولپنڊي: عليمه خان خلاف محفوظ فيصلو چوٿون ڀيرو ملتوي










