چوپائي مال جي ڦر، اوڳاهي ۽ تيغاڻين ۾ جهيڙو 2 زخمي

ڪنڌڪوٽ ( ڊ ر ( غوثپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي بخش اوڳاھي واري علائقي ۾ چوپائي مال جي ڦر تان اوڳاھي ۽ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو۔ جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائيرنگ ڪئي جنھن ۾ رفيق احمد اوڳاھي سميت 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا۔ زخمين مان رفيق احمد اوڳاھي کي وارث شھر جي سرڪاري اسپتال ۾ کڻائي آيا جتي کيس ابتدائي علاج بعد نازڪ حالت ھجڻ سبب لاڙڪاڻي موڪليو ويو۔ ٻئي پاسي ڌريون مورچا بند آھن ۽ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آھي۔ پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي ويئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو