چونڊون ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل، چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته اسان پنهنجي سمورن آئيني ۽ قانوني ذميوارين کان آگاهه آهيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ مڪمل تيار آهيون.قومي ووٽر ڊي جي موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي تيارين ۾ مصروف آهي، حتمي چونڊ فهرستن جي ڇپائي ۽ ترسيل جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.ڊي آر او، آر او ۽ اسسٽنٽ آفيسرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.سڪندر سلطان راجا جو چوڻ آهي ته چونڊن جو شيڊول ڪجهه ڏينهن ۾ ڏنو ويندو، پولنگ 8 فيبروري 2024 تي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن يقين ڏياريو آهي ته اليڪشن دوران توهان کي مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.هن چيو ته ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ عوام کي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ گهرجي.اليڪشن ڪميشن سان تعاون ڪيو، پرامن چونڊن کي يقيني بڻايو وڃي.چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته عوام ياد رکي ته ووٽ جي طاقت اوهان جي هٿن ۾ آهي. پنهنجي ووٽ جو استعمال پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي مستقبل کي نظر ۾ رکي. عوام کي گذارش آهي ته چونڊ عمل ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪن ڇو ته چونڊ عمل عوام جو حق ۽ قومي فرض آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو