اسلام آباد (بيورو رپورٽ)هندستان، سنڌو پاڻي معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي، چناب درياءَ تي بگليهار ڊيم مان پاڪستان ڏانهن وهندڙ 90 سيڪڙو پاڻي روڪي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڀارت ڪشن گنگا منصوبي ذريعي پاڻي جي وهڪري کي گهٽائڻ جي تياري به شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي ڪري جهلم درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي عملدارن جو چوڻ آهي ته اسان ڇنڇر کان بگليهار ڊيم ذريعي پاڪستان ڏانهن وهندڙ پاڻي کي روڪڻ شروع ڪيو، جيڪو هاڻي 90 سيڪڙو تائين روڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪشن گنگا ڊيم لاءِ به ساڳيو منصوبو ٺاهيو ويو آهي.ڪشن گنگا ڊيم، جيڪو اتر اولهه هماليه جي گريش وادي ۾ واقع پهريون ميگا هائيڊرو پاور پلانٽ آهي، ان ۾ 15,000 ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي ۽ جلد ئي جهلم نديءَ ۾ پاڻي جي وهڪري کي روڪي ڇڏيندو.










