افغانستان تي ميزائل فائر، 3 ايئر بيسسز تي حملا، ڀارتي چال

افغانستان تي ميزائل فائر، 3 ايئر بيسسز تي حملا، ڀارتي چال

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڊي جي آءِ ايس پي آر رات جي آخري پهر ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڀارت کي پاڪستان جي جواب جو انتظار ڪرڻ گهرجي. بريفنگ ۾ چيو ته نور خان ايئر بيس، مريد بيس ۽ شورڪوٽ کي نشانو بڻايو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان ايئر فورس جا سڀئي اثاثا محفوظ آهن، ڀارت هوا کان زمين تي مار ڪندڙ ميزائل فائر ڪيا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارت افغانستان تي به ميزائل فائر ڪيا آهن، ڀارت سڄي خطي کي جنگ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي، ڀارت کي پاڪستان جي جواب جو انتظار ڪرڻ گهرجي.ڀارت پنهنجي ئي ملڪ ۾ 6 بيلسٽڪ ميزائل ڪيرايا آهن، ڀارت پنهنجي ئي ملڪ ۾ سک آبادي کي نشانو بڻائي رهيو آهي. ڀارت آدم پور مان 6 بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، جن مان 5 ميزائل ڀارتي پنجاب جي امرتسر شهر ۽ هڪ آدم پور ۾ ئي ڪري پيو،پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت جو قدم تمام گهڻو حيران ڪندڙ آهي، اقليتون ڀارت جي اندروني سازشن جو شڪار ٿي رهيون آهن، اسان جي سڀني همدردي سکن سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو