ڀارت ٻيهر ٽرمپ جي ڪشمير بابت ثالثي واري آڇ رد ڪري ڇڏي

بئنڪاڪ (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت ٻيهرامريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڪشمير بابت ثالثي واري پيشڪش رد ڪري ڇڏي آهي. ڀارت جي پرڏيهي کاتي جي وزير ڊاڪٽر ايس جئي شنڪرچيو آهي ته هن آسيان جي سيڪورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي جمع جي صبح جو پنهنجي آمريڪي هم منصب مائيڪ پومپيو سان ملاقات م واضح ڪيو آهي ته هماليا جي خطي بابت ٽئين ڌر جي مداخلت قبول ناهي، اهو معاملو پاڪستن ۽ ڀارت وچ ۾ آهي ۽ ٻطرفي طور حل ڪبو. هن چيو ته اسنکي هن معاملي ۾ عالمي مدد جي ڪا ضرورت ناهي. هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس م صحافين سان ڳالهائيند هڪ دفعو ٻيهر ورجايو آهي ته هو ڪشمي مسئلي تي ثالثي ۽ مداخلت لاءِ تيار آهي پر جيڪڏهن ٻئي ملڪ چاهين ته هو مداخلت ضرور ڪندو. هن ٻڌايو ته هو ان معاملي تي وزيراعظم خان سان ڳالهايو هو ۽ ڀارت سان به ڳالهايو آهي، مان سمجهان ٿو ته مسٽر خان ۽ مسٽر مودي ٻئي چڱا ماڻهو آهن ۽ هو گڏ هلي سگهن ٿا. هوڏانهن پاڪستان جي پرڏيهي معاملن جي وزيرساهه محمود قريشي آمريڪا تي زور ڀريو آهي ته هو ڀارت کي ڪشمير بابت ڳالهين لاءِ ميز تي اچڻ لاءِ آماده ڪري. جيو نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت اهو ته چوي ٿو ته ٻطرفو معاملو آهي پر ڳالهائڻ لاءِ به تيار ناهي. هن چيو ته (والاريل ڪشمير ۾ ) ڀارت خوني رستي تي هلي پيو ۽ ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو