ڀارت سان سيز فائر ٿي سگهي ٿو ته پي ٽي آءِ سان به ٿي،گوهر

ڀارت سان سيز فائر ٿي سگهي ٿو ته پي ٽي آءِ سان به ٿي،گوهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڀارت سان جنگ بندي ٿي سگهي ٿي ته پوءِ پي ٽي آءِ سان به سياسي جنگ بندي ٿيڻ گهرجي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته قوم سياسي ۽ ذاتي مفادن کان اڳتي وڌي ڪري ڀارت کي جواب ڏنو آهي.هن چيو ته سڄي دنيا پاڪستان جي ڀارت کي جواب ڏسي چڪي آهي ۽ مستقبل ۾ ڪنهن به قسم جي جارحيت جو به اهڙو ئي سخت جواب ملندو.پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڀارت سان جنگ بندي ٿي سگهي ٿي ته پوءِ پي ٽي آءِ سان به سياسي جنگ بندي ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو