ڀارت جي طاقت جو غرور مٽي ۾ ملي ويو: خواجه آصف

ڀارت جي طاقت جو غرور مٽي ۾ ملي ويو: خواجه آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف جو چوڻ آهي ته پاڪستاني هٿياربند فوجن جي جوابي دفاعي ڪارروائي هندستان جي طاقت کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته هندستان سوچيو ته شايد پاڪستان کي رڳڻو ڏئي پنهنجي شرطن تي آڻيندو، پر هندستان جي طاقت جي غرور کي مٽي ۾ ملايو ويو آهي. هن اهو به چيو ته هندستان جي ساک تي سوال اٿاريا ويا آهن، اسان جنگ جي رفتار کي وڌائي سگهون ٿا، پر اسان جنگ تي بريڪ لڳائڻ جو آپشن پيش ڪيو، جيڪڏهن ڳالهيون جاري رهيون ته ان مان نڪرڻ جا طريقا نڪرندا.دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ هندستان جي ڳالهين ۾ سنڌو پاڻي معاهدو، ڪشمير ۽ دهشتگردي جي مسئلي تي غور ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو