پ پ شهيد ڀٽو جو ڪنوينشن، نوان عهديدار چونڊيا ويا

شيخ ڀرڪيو(مظفر علي بروهي) پ پ شهيد ڀٽو تعلقي ٽنڊي محمد خان جو ورڪر ڪنوينشن  نيشنل پريس ڪلب شيخ ڀرڪيو ۾ ڪوٺايو ويو جنهن جي صدارت ضلع جي  صدر حاجي عبدالرزاق نظاماڻي ڪئي. ڪنوينشن ۾ ضلع جي ڪوآرڊينيٽر قادر بخش نظاماڻي، تعلقي جي ڪو آرڊينيٽر رياض علي لغاري، سينئير اڳواڻ پرين غلام رسول زيند پور ۽ ٻين شرڪت ڪئي ورڪر ڪنوينشن ۾ متفقه راءِ سان  تعلقي ٽنڊي محمد خان لاءِ صدر محمد هاشم قمبراڻي، نائب صدر سيد شاهنواز شاھ، جنرل سيڪريٽري مانو ٺاڪر، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سليم سنڌي، خزانچي جهانگير شيخ، انفارميشن سيڪريٽري اسلم ٿهيم، پريس سيڪريٽري ذوالفقار ٿهيم، آفيس سيڪريٽري نظر سولنکي نوان عهديدار چونڊيا ويا. جڏهن ته تعلقي ٽنڊو محمد خان لا 6 رڪني ايگزيڪيٽو ڪميٽي پڻ  جوڙي وئي. ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته زرداري ۽ نواز شريف هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن۽ هنن کي بيماري به هڪ ئي لڳل آهي اهي ڪرپشن جا بي تاج  آهن. هنن چيو ته عمران سرڪار  به جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا نه ڪري سگهيو آهي  عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي 23 سال گذري وڃڻ باوجود مير مرتضي ڀٽو جا قاتل آزاد آهن ۽ وارثن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي هنن چيو ته مير مرتظي ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قتل جو ڪيس ٻيهر کولي قاتلن کي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي. ورڪر ڪنوينشن  ۾ محمد علي شيخ، محمد امين سولنگي، لياقت پتافي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو