پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ 13 ڏينهن جي واڌ

سکر (جيئرام داس) احتساب عدالت پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه کي 13 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. نيب پاران عدالت کي 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي هئي. آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ نيب هٿان گرفتار ٿيل پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه کي احتساب عدالت جي جج امير علي ميهسر آڏو پيش ڪيو ويو. ٻڌڻيءَ دوران جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته شاهه صاحب! توهان جو وڪيل اچڻ تائين ڪارروائي اڌ ڪلاڪ لاءِ معطل ڪريون ٿا، عدالتي ڪمرو ننڍو آهي، تنهن ڪري بيٺل سمورن ماڻهن کي ويهڻ جو نٿا چئي سگهون. پري پري کان ماڻهو پهتا آهن، پر جڳهه نه هجڻ ڪري بيٺل آهن. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي ٿي ۽ سينيٽر رضا رباني به خورشيد شاهه جي وڪيل سان گڏ دليل ڏنا. نيب جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته خورشيد شاهه تمام گهڻيون بي نامي ملڪيتون ٺاهيون آهن، سندس گهر 6 ڪروڙ رُپين سان ٺهيو آهي ۽ سندس بنگلو فلاحي پلاٽ تي ٺهيل آهي. گهر جي عاليشان عمارت آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي زمري ۾ اچي ٿي. نيب جي وڪيل جو چوڻ هو ته خورشيد شاهه جي ڪُٽنب جا 10 اڪائونٽس آهن، جن ذريعي ڪروڙين رُپين جي ڏيتي ليتي ٿيندي رهي آهي. نيب طرفان خورشيد شاهه جي 15 ڏينهن واري جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي. سينيئر قانوندان ۽ سينيٽر رضا رباني خورشيد شاهه جي حمايت ۾ دليل ڏيندي چيو ته سندس اصيل کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، پهرين به سُپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس کيس اهڙن الزامن کان آجو قرار ڏنو هو. خورشيد شاهه جي وڪيل کان جج پُڇيو ته توهان ۽ توهان جو اصيل نيب سان جاچ ۾ سهڪار ڇو نه ڪري رهيا آهيو؟ رضا رباني دليل ڏيندي چيو ته نيب قانون کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، سياستدانن کي ميڊيا ٽرائل ذريعي بدنام ڪيو پيو وڃي. نيب خورشيد شاهه جي سموري ڪٽنب جا نالا لکي سڄي پاڪستان ۾ پکيڙي ڇڏيا آهن، ڇا پاڪستان کي قانون موجب هلائڻو آهي يا ڪنهن جي مرضيءَ تي هلائڻو آهي. رضا رباني عدالت کي استدعا ڪئي ته خورشيد شاهه کي آزاد ڪري نيب وارن کي پڪا ثبوت جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وڃي. نيب وارن گذريل ڀيري چيو هو ته وٽن خورشيد شاهه خلاف پڪا ثبوت آهن. نيب طرفان خورشيد شاهه خلاف اهم ڪاغذ جج آڏو پيش ڪيا ويا، جنهن تي خورشيد شاهه جي وڪيل چيو ته کين به ڪاپي مهيا ڪئي وڃي، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر انڪار ڪندي چيو ته نه توهان کي دستاويز نٿا ڏئي سگهون. نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ چيو ته خورشيد شاهه جي هڪ وڪيل چيو ته ٻين صوبن مان ماڻهو گهرائي جاچ ڪئي پئي وڃي. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام پڻ ڪيا ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو