پي پي 35 سال حڪومت ڪئي،عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو:قائمخاني

ڪنڌڪوٽ( رپورٽ غالب بلوچ) احتساب سمورن جو ٿيڻ گهرجي، احتساب ڪنهن جي سليڪشن تي نه هجڻ گهرجي، تبديلي جو نعرو لڳائيندڙن ماڻهن سان وڏي ويساھ گهاتي ڪندي انهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.اهڙو اظهار پاڪ سرزمين پارٽي جي صدر انيس قائمخاني ڪنڌڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته 35 سال پيپلز پارٽي سنڌ ۾ حڪومت ڪئي پر سنڌ جي عوام جي لاء ڪجھ به نه ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي تعليم، صحت ۽ صاف پاڻي سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويوآهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هۡو بلاول ۽ آصف زرداري کي سنڌ جي حالتن کان آگهاهه ڪن. هن چيو ته پي ٽي آئي مان اميدون هيون ته هو سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پر پي ٽي آئي جي حڪومت اٺ مهينن دوران عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي,  هن چيو ته ڪرپشن جو خاتمو ئي سمورن مسئلن جو حل آهي، ملڪ ۾ احتساب سمورن جو ٿيڻ گهرجي، احتساب ڪنهن جي سليڪشن تي نه هجڻ گهرجي. هڪ سوال تي هن چيو ته حڪومت خلاف مخالف ڌر طرفان تحريڪ هلائڻ لاء رابطو ڪيو ويو ته ان بابت سوچينداسين ۽ فيصلو سينٽرل باڊي ڪندي. هن چيو ته  عيد کان پوء پي ايس پي پاران  دمادم مست قلندر ڪنداسين، جڏھن تہ ان موقعي سنڌ جوصدر شبيرقائم خاني، اشفاق احمدمنگي، پي۔ايس۔پي ضلعي اڳواڻ بشيراحمدميراڻي ۽ بشيربلوچ ساڻس گڏھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو